خوبچنداڻي، لڇمڻ

خوبچنداڻي، لڇمڻ

لڇمڻ خوبچنداڻي

لڇمڻ خوبچنداڻي سنڌي ٻوليءَ جو عالمي سطح تي مڃيل ماهر لسانيات، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، مولچند خوبچنداڻيءَ جي گهر، 1932ع ۾، ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان لڏي هندستان ويو ۽ اڳتي هلي پوني ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هن 1961ع ۾، آمريڪا جي پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان “The Phonology and Morphophonetics of Sindhi” عنوان تي تحقيقي مقالو لکي، لسانيات ۾ ايم. اي ڪئي. ساڳيءَ يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ “The Acculturation of Indian Sindhi to Hindi: A Study of Language in Contact” عنوان تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري (Ph.D) حاصل ڪيائين. پوني جي مشهور ڊيڪن ڪاليج ۾ جڏهن 1961ع ۾ ’سنڌي لسانيات‘ جو شعبو قائم ٿيو ته ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪاليج ۾ رهندي ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ هيٺيان تحقيقي مقالا لکي ڇپايا: 1. Comparative Study on Sindhi and Hindi Sound Structures, 2. Writing System of Sindhi, 3. A Grammatical Sketch of Sindhi. ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي، پوني جي ’سينٽر فار ڪميونيڪيشن اسٽڊيز‘ جو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڊائريڪٽر رهيو. هن هندستان جي ڪيترن شهرن ۾ لسانيات جو مضمون پڙهائڻ سان گڏ آمريڪا، انگلنڊ، يوگوسلاويا، سنگاپور ۽ سوڊان ۾ علم لسانيات جي تعليم ڏني آهي. هي ’لئنگئيج پلاننگ ڪنسلٽنٽ‘ طور يونيسڪو ۽ آمريڪا جي رياست هونولولو (Honolulu) جي ايسٽ ويسٽ سينٽر ۾ 1974ع کان 1978ع تائين ٻولين جي انگن اکرن (Statistics) بابت ڪم ڪندڙ گروپ جو سينٽر فيلو ۽ چيئرمئن رهيو. سماجي لسانيات تي ڪم ڪندڙ انٽرنيشنل سوشيو لنگئسٽ ائسوسيئيشن جي ريسرچ ڪميٽيءَ جو 1982ع کان 1986ع تائين وائيس چيئرمئن رهيو. يونيسڪو جي ورڪ گروپ ‘Right to Communicate’ جو 1974ع کان 1977ع تائين ميمبر رهيو. هن سينگاپور جي ريجنل انگلش لئنگئيج سينٽر (RELC) ۾ 1976ع ۾ نو مهينا رهي، هڪ تحقيقي ڪتاب ‘Language & Education in Pluralistic Societies’ لکيو. ان کان سواءِ زغوب يونيورسٽي، يوگوسلاويا ۾ پروفيسر آف انڊين لنگئسٽڪس به ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي دلچسپيءَ جا موضوع، لسانيات، ڪميونيڪيشن، سماجي لسانيات ۽ لئنگئيج ڊيموگرافي رهيا آهن. هن جي ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي جون ٿيسزون، اسڪول آف اورينٽل اينڊ افريڪن اسٽڊيز لنڊن ۽ دنيا جي يونيورسٽين جي لائبررين ۾ موجود هئڻ سان گڏ پڙهايون به وڃن ٿيون. هن سماجي لسانيات، ڪلچر، ڪميونيڪيشن ۽ ٻوليءَ سان لاڳاپيل ڪيترن موضوعن تي ڪيترا مقالا مختلف سيمينارن ۾ پڙهيا ۽ رسالن ۾ ڇپايا، جن مان ڪي اهم هي آهن: 1. Bibliography of Sociolinguistics in South Asia (1973) 2. Language, Education, Social Justice (Pune, 1981) 3. Plural Language, Plural Cultures (E.W. Centre Honolulu, 1983) 4. Language in a Plural Society (Pune, 1988) 5. Language, Culture and Nation- Building (Simla, 1990) 6. Tribal Identity (Simla, 1992) 7. Sindhi Heritage (Delhi, 1997) 8. Arabic Scprit for Non Semitic Languages. هن پوني ۾ رهي ’سنڌي- انگريزي ڊڪشنري‘ جي تياريءَ ۾ حصو ورتو ۽ ان جا ٻه حصا 1968ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪرايا. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ Linguistics and Language Planning in India’ (1969) جا ٻه جلد به ترتيب ڏنا آهن. سندس پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز اعليٰ ۽ معياري تحقيقي مواد تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 1947ع کان پوءِ هند ۾ لڏي آيل سنڌين جي سنڌي ٻوليءَ جي هنديءَ سان تعلق جڙڻ بعد ان ۾ آيل تبديلين جو اڀياس آهي. ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ هن ٿيسز ۾ هنديءَ مان اُڌارن ورتل لفظن (Loan Words) تي به تفصيل سان بحث ڪيو آهي. ڪوڊ سوئچنگ ۽ ڪوڊ مڪسنگ جهڙن جديد موضوعن تي به خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ان کان سواءِ سنڌي صرف نحو ۾ ايندڙ تبديلين کي به بحث هيٺ آندو آهي. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ٻاهرينءَ دنيا ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو ماهر لسانيات مڃيل آهي، پر لسانيات جي مختلف شاخن، سماجي لسانيات (Socio Linguistics)، Bilingualism ۽ Multilingualism جي ميدان ۾ به سندس وڏو قدر آهي. ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ کي تحقيقي ڪم سبب ڪيترا اوارڊ ۽ انعام به حاصل ٿيا آهن ۽ هن مختلف ادارن ۾ اهم ذميواريون نڀايون آهن، جن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي: 1. Member of the Scientific Council based at Barcelona, to follow up the Universal Declaration of Linguistic Rights with the support of UNESCO. 2. Member of Editorial Boards of the Sociology of Language (Mouton, Berlin) and Language and Education (Multilingual Matters: Levendon). 3. Member of the National Council for the Promotion of Sindhi Language (NCPSL) Baroda. 4. Chairman of Sindhi Charitable Trust, Pune.5. Hon. Director of Sindhi Documents Centre @ Pune. 6. Comprehensive Sindhi- English Dictionary (II Volumes: 1968) 7. Current Trends in Linguistics in Sindhi (1969) 8. Language and Education in Pluralistic Societies (1976) 9. Language, Education and Social Justice. سنڌي سماج ۽ ڀاشا وگيان (اپريل 2001ع).


لفظ لڇمڻ خوبچنداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو